SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آزاد خيالي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

آزاد خيالي

(Liberalism)

هي اصطلاح سياسي ادب ۽ فلسفي ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو 18 ۽ 19ع صديءَ ۾ وچولي طبقي سان منسوب ڪيو ويو. وچولي طبقي وارن، وچئين دؤر جي پراڻن سياسي ، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي نظرين سان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ کي آزاد خياليءَ جا علمبردار سڏيو. آزاد خياليءَ جي مڃيندڙن پاڻ کي جمهوريت ۽ معاشي سڌارن جو امين ڪوٺيو .


تجارت ۽ بينڪاريءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


آزاد خيالي

Liberalism


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آزاد خيالي

Liberalism

لبرلزم

تاريخي لحاظ کان هيءَ جاگيرداري ۽ شهنشاهيت خلاف سترهين صديءَ ۾ شروع ٿيل هڪ فڪري تحريڪ آهي، جنهن يورپ ۾ مذهب، معيشيت، سياست ۽ سماجي شعبن ۾ نوان لاڙا آندا. هن تحريڪ ”فرد“ جي آزاديءَ جي وڪالت ڪندي ، سندس صلاحيتن ۽ خوبين جي آزاد اظهار لاءِ ماحول فراهم ڪيو ۽ معاشري ۾ آزاد چٽا ڀيٽيءَ ۽ انساني فلاح وارو ماحول جوڙڻ تي زور ڏنو. اڳتي هلي اها تحريڪ سڄي دُنيا ۾ ڦهلجي وئي. آزاد خياليءَ جي تحريڪ عام طرح هر سماج جي وچولي طبقي پاران هلائي وڃي ٿي ، جيڪا قدامت پسندي ۽ ڪليسيائي داٻي کي ٽوڙي، اخلاقي حدن اندر رهندي، انساني راءِ جي مڃتا جي قائل آهي. ”آزاد خياليءَ“ ۾ فرد کي ڳالهائڻ، چونڊڻ ۽ ذاتي ملڪيت جي واڌ ويجهه وارا حق ڏنا ويندا آهن. ارڙهين صديءَ جي ”ڪلاسيڪل لبرلزم“ ۽ ويهين صديءَ جي ”سوشل لبرلزم“ وارين تحريڪن دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون. دنيا ۾ اڪثر وڏا انقلاب، آزاديءَ جون تحريڪون ۽ انفرادي حقن جي تحفظ لاءِ ٿيل جاکوڙون، هن نظريي جي اثر هيٺ حاصل ٿيون. هن نظريي جي ڪري عالمي سطح تي سهڪاري ۽ امن جو ماحول جُڙيو ۽ ٻين رياستن لاءِ پرامن بقا ئي باهميءَ واري اصول تي زور ڏنو ويو. هي نظريو عالمي برادريءَ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جي حل لاءِ مُذاڪرات ۽ ٻين پرامن سرگرمين تي زور ڏئي ٿو، جان لاڪ، روسو، والٽيئر ۽ ٻيا يورپي ڏاها هن نظريي جا وڏا وڪيل مڃيا وڃن ٿا


.


آزاد خيالي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اقتصادي آزاد خيالي
  • حريت پسندي- آزاد خيالي
  • معاشي آزاد خيالي

  • Remember Me Also:

    گهل

    ث . ننڊ ، پنڪي ، اوجهراڻي. بي هوش ، آنوشائي ، بي سُرتِي. ” مونکي گِهل اچي وئي“. جملو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal